انٽرنيٽ جي سستي سبب ڊجيٽل معيشت جي بقا کي خطرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز (آءِ ايس پيز) ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 30 کان 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
وائرليس اينڊ انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي بيان موجب سيڪيورٽي ۽ نگراني کي وڌائڻ جي حڪومتي فيصلي جو غير ارادي نتيجو نڪتو آهي.
انٽرنيٽ سست ٿيڻ سان آن لائن ۽ انٽرنيٽ تي ڪاروبار ڪندڙن ۾ افراتفري واري صورتحال آهي ۽ ان جو اثر ڪال سينٽرز، اي ڪامرس جي پيشيور ماڻهن، آن لائن ورڪنگ ڪلاس ۽ اليڪٽرانڪ سان واڳيل ڪاروبار ڪندڙن تي وڌيڪ پيو آهي.
انٽرنيٽ جي سستي سندن ڪاروبار جي بقا کي خطري ۾ وجهي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.