ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ڪابينا سيپرا قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپرا سنڌ رجسٽريشن آف اليڪٽرڪ پاور سروس ايڪٽ 2023 تحت قائم ڪئي وئي آهي، سيپرا جو هڪ چيئرمين ۽ 3 ميمبر هوندا.
وڏي وزير سيپرا لاءِ بجيٽ 25-2024 جي مد ۾ 197.916 ملين رپين جي منظوري به ڏني.
.
You might also like