اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جنرل ريٽائرڊ فيض حميد جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته فيض حميد جي گرفتاري جي حوالي سان منهنجو ڪو واسطو ناهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي گرفتاري بابت ڪوڙ پکيڙيو پيو وڃي، ملڪ ۾ موجود ئي نه آهيان ته گرفتاري جون ڳالهيون هٿ ٺوڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ذاتي ڪم جي ڪري پرڏيهه آيو آهيان.
هن چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، سيپٽمبر ۾ ڏيهه واپس ايندس.
You might also like