اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نئين سر تنظيم جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن سان قومي ناڻي کي هڪ ارب رپيا سالياني بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ فنانس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلن جي منظوري ڏني وئي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ضرورت موجب فعال ۽ متحرڪ بڻايو ويندو.
پهرئين مرحلي ۾ 90 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 130 غير ضروري جاين کي ختم ڪيو ويندو، جنهن سان 56 ڪروڙ رپيا ساليانو بچت ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ انتظامي سڌارن سان وڌيڪ 40 ڪروڙ رپيا ساليانو بچت ٿيندي.
You might also like