سلمان، عامر ۽ شاهه رخ خان ناهن وڻندا، عرفان خان فيورٽ هو: ڪنگنا رناوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) پنهنجي تڪراري بيان ۽ تنقيد سبب اڪثر خبرن ۾ رهندڙ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت فلم انڊسٽري تي راڄ ڪندڙ سلمان، عامر ۽ شاهه رخ خان لاءِ فلم ٺاهڻ جي خواهشمند آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪنگنا رناوت جي فلم ” ايمرجنسي “ جو ٽريلر رليز ٿي ويو آهي جنهن جي هدايتڪاري جا فرض هن پاڻ انجام ڏنا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، ٽريلر جي جاري ڪرڻ واري تقريب دوران سلمان، عامر ۽ شاهه رخ خان بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڪنگنا رناوت چيو ته ٽنهي مان ڪو به خان کيس پسند نه آهي، هن کي مرحوم عرفان خان ڏاڍو متاثر ڪيو، افسوس آهي سندس لاءِ فلم جي هدايتڪاري نه ڪري سگهيس.
اداڪارا چيو ته هوءَ ٽنهي خانز لاءِ فلم ٺاهڻ سان گڏ فلم جي هدايتڪاري به ڪرڻ چاهي ٿي، ٽنهي اداڪارن کان سندن صلاحيتن پٽاندڙ معاشي جي بهتري لاءِ ڪم وٺي سگهجي ٿو.
هن چيو ته عرفان خان سندس آل ٽائم فيورٽ خان آهي، افسوس هو وڌيڪ زندگي نه ماڻي سگهيو ۽ ڪئنسر سان جهيڙيندي فوت ٿي ويو.
ڪنگنا ٺٺول ڪندي چيو ته ٽئي خان انڊسٽري جي آمدني وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي سندن ٿورا مڃڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.