”جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ گم ٿي وڃي ته به ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ گم ٿي ويو ته به ان جي ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.
رٽائرڊ ايف آءِ اي آفيسر سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ڪئي.
عدالت پوليس جي سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽيريو ٽائپ رپورٽ ڪاپي پيسٽ ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي آهي، جڏهن قدم ئي نه کنيا ويا ته لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري ارسلان جي گهرڀاتين کي معاوضو ادا ڪيو ويو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ارسلان جي جبري گمشدگي جو پتو ناهي، عدالت چيو جڏهن معاوضو ناهي ڏيڻو ته رپورٽ ۾ ڇو لکيو ويو؟
هڪ ٻئي ڪيس ۾ پوليس آفيسر جواب ڏنو ته بوٽ بيسن کان هڪ شخص پاڻ گم ٿي ويو، ان کي ڪنهن اداري حراست ۾ نه ورتو، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڻ گم ٿي وڃي ته به ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي، رياست پنهنجي ذميواري کان منهن نٿي موڙي سگهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي رٽائرڊ آفيسر جو پتو لڳائڻ لاءِ به فوري طور جي آءِ ٽي اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت ٽن هفتن ۾ رپورٽون طلب ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي اثرائتا قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.