ونيش ڦوگاٽ جي نااهلي بابت اپيل، عالمي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

راندين جي عالمي عدالت ڀارتي عورت ريسلر ونيش ڦوگاٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
عالمي ٽياڪڙي عدالت ونيش ڦوگاٽ جي پيرس اولمپڪس وومين ريسلنگ مان ڊِس ڪواليفاءِ ٿيڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.
پيرس اولمپڪس ۾ ونيش ڦوگاٽ کي اوور ويٽ هئڻ سبب پنجاهه ڪلوگرام ريسلنگ ڪيٽيگري جي فائنل مقابلي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو.
ونيش ڦوگاٽ پهرئين ڏينهن ٺيڪ هئڻ جي بنياد تي سلور ميڊل لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪا راندين جي عالمي عدالت اڄ رد ڪري ڇڏي.
عدالت طرفان جاري ڪيل مختصر فيصلي موجب، عورت ريسلر جي اپيل کي قبول ناهي ڪيو ويو جڏهن ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.