لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا سان سندس ذاتي دوستي هئي ۽ اڄ به قائم آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته خواجا آصف جا گذريل ڏينهن ٻنهي پروگرامن ۾ ڏنل بيان ٻڌا، جنرل باجوا صاف چيو هو ته هو مدي ۾واڌ نه پيو چاهي، سندس چوڻ هو ته کيس پهريان ئي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ملي چڪي آهي هاڻي مناسب ناهي.
هن چيو ته سندس جنرل باجوا سان سياسي ڳالهه ٻولهه تمام گهٽ ٿيندي هئي، جنرل باجوا آمريڪا ۾ سفارتخاني ۾ هڪ ميٽنگ دوران ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ترديد ڪئي هئي، خواجا آصف جي ذهن مان شايد ڪجهه ڳالهيون نڪري ويون آهن، جنرل باجوا جي بدنيتي هجي ها ته وٽس ٻيا آپشنز به موجود هئا.
ملڪ محمد احمد خان اِهو به چيو ته هن ڪڏهن به ان معاملي تي ناهي ڳالهايو، جنرل باجوا سان ذاتي دوستي هئي ۽ اڄ به آهي، اڄ هو حقيقتون درست ڪرڻ لاءِ ڳالهائي رهيو آهي، جنرل باجوا جو چوڻ هو ته ڪيئي آفيسر آهن جن جو اڳتي اچڻ حق آهي.
پنجاب اسيمليءَ جي اسپيڪر چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ اڌ وارو معاملو حڪومت ڪندي آهي، جنرل باجوا جو مدو وڌائڻ لاءِ پيپلز پارٽي، نون ليگ ۽ سڀني ووٽ ڪيو.
You might also like