فيض حميد جي ويجهو رهندڙ حاضر سروس برگيڊيئر به گرفتار

اسلام آباد(عمران شفقت)فيض حميد ڪيس ۾ چڪلاله ۾ مقرر هڪ حاضر سروس برگيڊيئر ۽ آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سيڪٽر ڪمانڊر ڪرنل لياقت گرفتار ٿيل آهن،هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر به حراست ۾ ورتل آهي جڏهن ته رٽائرڊ فوجي آفيسرن جو  به وڏو انگ جاچ  ۾ ورتل آهي،9 مئي واقعن ۾ انهن جو  وڏو ڪردار آهي، عمران حامي جج به نشاني تي اچي ويا آهن،ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايس پي آر پاران پريس رليز جاري ڪئي ويندي ته هيترن آفيسرن کي انضباطي ڪارروائي ۾ هٽايو ويو آهي،ذريعن موجب فيض حميد کي جنهن هنڌ تي رکيو ويو آهي اها ڪا ”سٺي“ جاءِ ناهي،هن سان ٿرڊ ڊگري وارو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي،برگيڊيئر ۽ ڪرنل سطح جا آفيسر هن کان جاچ ڪري رهيا آهن،فوج ۾ ايس آءِ بي موت جا فرشتا سمجهيا ويندا آهن،فيض حميد کان اڃا تائين ايس آءِ بي پاران جاچ جي نوبت ناهي آئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 15 آگسٽ 2024 تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.