خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري کي يو اي اي قونصليٽ ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري کي يو اي اي قونصليٽ ڪراچي ۾ سافٽ ڊپلوميسي ايوارڊ سان نوازيو ويو، اهو اعزاز کيس پوليو جي خاتمي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.
آصفه ڀٽو زرداري ايوارڊ ملڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان دنيا جي انهن ٻن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي پوليو جو مرض موجود آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه کان گهڻي تڪليف ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.