جديد دور ۾ سمارٽ فونز چارج ڪرڻ واري ٽيڪنالوجي ۾ گهڻي بهتري آئي آهي پر اڃا به ڪنهن فون جي سئو سيڪڙو چارجنگ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ته انتظار ڪرڻو پوي ٿو، پر تمام جلد اوهان پنهنجي سمارٽ فون کي رڳو چئن منٽن ۾ مڪمل چارج ڪري سگهندئو.
جي ها اوهان صحيح پڙهيو، هڪ سمارٽ فون ڪمپني 320 واٽ فاسٽ چارجنگ ٽيڪنالوجي تيار ڪري ورتي آهي آهي.
چيني ڪمپني جي ان ٽيڪنالوجي جي مدد سان سمارٽ فون بيٽري ڪجهه منٽن اندر ٻڙي کان سئو سڪيڙو تائين جارچ ٿي ويندي.
ڪمپني طرفان نئين ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائيندي 4420 ايم اي ايڇ بيٽري سان ليس فون کي چارج ڪري به ڏيکاريو ويو ويو آهي، ان دوران اِها فون چئن منٽن ۽ ڪجهه سيڪنڊز ۾ سئو سيڪڙو تائين چارج ٿي وئي.
ڪمپني طرفان ان ٽيڪنالوجي تي ٻن ورهين ڪم جاري هو، مختلف ٽيسٽن ۽ ڪامياب تجربن بعد هاڻي ڪمپني اِها ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني طرفان ڊيوائس جي تحفظ، پاور ۽ سائز جي وچ ۾ توازن برقرار رکيو ويندو، ٽيڪنالوجي ذريعي بيٽري هڪ منٽ اندر 0 کان 26 سيڪڙو جڏهن ته 2 منٽن ۾ پنجاهه سيڪڙو تائين چارج ٿيندي.
320 واٽ سپر سونڪ چارج نالي ٽيڪنالوجي جي اڊاپٽر يا چارجر کي پاڪٽ ڪينن چيو پيو وڃي.
ڪمپني موجب، نئون چارچر هن وقت موجود سمورن چارجنگ پروٽوڪولز سميت يو ايف سي ايس، پي ڊي ۽ سپر وي او او سي کي سپورٽ ڪندو.
ڪمپني طرفان ايئر گيپ نالي وولٽيج ٽرانسفارمر به متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو چارجنگ دوران بيٽري کي مختلف مسئلن جهڙوڪ سرڪٽ بريڪ ڊائون کان تحفظ فراهم ڪندو.
ڪمپني موجب، اِهو ٽرانسفارمر آڱر کان به ننڍو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي بيٽري کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ وولٽيج کي ويهه واٽ تائين محدود ڪري ڇڏيندو، ان جي مدد سان 320 واٽ سپر سونڪ چارج کي پنهنجو ڪم درست طريقي سان ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ڪمپني طرفان اِهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اِها چارجنگ ٽيڪنالوجي موجودا سمارٽ فونز تي ڪم ڪندي يا نه يا اِها ڪيستائين ڪنهن سمارٽ فون لاءِ متعارف ڪرائي ويندي.