ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ ۾ ناراضگي جي نالي تي تشدد جي اجازت ناهي ۽ ناراضگي ڇڏي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي.
ڪوئيٽا ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته قوم کي دل جي گهرائين سان آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو، پاڪستان هڪ گلدستو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ملڪ ترقي ڪندو.
هن چيو ته پاڪستان وٽ اربن کربن جي معدنيات آهي، پاڪستان ايٽمي قوت آهي، هاڻ ان کي معاشي قوت به بڻائڻو آهي، پاڪستان مستقبل ۾ اڀرندڙ ستارو هوندو.
You might also like