پشاور ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي علائقن جمرود ۽ لوئر دير ۾ پوليس چيڪ پوسٽن تي دهشتگردن جي حملن ۾ هڪ هيڊ ڪانسٽيبل شهيد، جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب جمرود ۾ سخي پل پوليس پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، ڀرپور جوابي ڪارروائي سان دهشتگرد فرار ٿي ويا، حملي ۾ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا.
پوليس ٻڌايو ته جمرود تعلقي ڪمپائونڊ تي به دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
هوڏانهن لوئر دير ۾ به جندول ۾ معيار ٿاڻي جي پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل سياست خان شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
You might also like