خوشاب (ويب ڊيسڪ) خوشاب ۾ پوليس مقابلي دوران مختلف ڪيسن ۾ گهربل 5 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب خوشاب ۾ قائدآباد جي علائقي جبي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي دوران 5 جوابدار مارجي ويا.
پوليس ٻڌايو ته مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڪانسٽيبل شهيد، جڏهن ته ايس ايڇ او سميت ٻه پوليس آفيسر زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب مارجي ويل جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.
You might also like