اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان لاءِ اولمپڪس گولڊ ميڊل کٽيندڙ ۽ رڪارڊ ٺاهيندڙ ارشد نديم حڪومت ۽ پاڪستان قوم طرفان ڪيل دعائن ۽ ملندڙ موٽ تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سندس ڪاميابي پٺيان وڏي محنت آهي ۽ هو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ چاهي ٿو.
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم اسلام آباد ۾ وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ پنهنجي ڪوچ سميت ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي والدين ۽ پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃيندي چيو ته سندن دعائن سان پيرس اولمپڪس ۾ رڳو گولڊ ميڊل نه کٽيو پر رڪارڊ به ٺاهيو.
هن چيو ته ان ڪاميابي پٺيان سندس وڏي محنت آهي، 2012ع ۾ شهباز شريف طرفان ڪرايل مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ 2014 ۾ به ميڊلز کٽيا.
ارشد نديم چيو ته وزيراعظم به مون کي عزت ڏني ۽ هتي سڏايو آهي، پاڪستاني قوم ۽ وزيراعظم سڀني تمام گهڻي عزت ڏني آهي جيڪا ميڊل کان وڌيڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته 2012 واري يوٿ فيسٽيول وقت لڳو ته محنت جو نتيجو مليو ۽ اڳتي وڌيس، 2015 ۾ نئون ڪوچ مليو ۽ ٽوڪيو اولمپڪس ۾ به ڪاميابي ماڻي.
ارشد نديم چيو ته ٽوڪيو اولمپڪس کانپوءِ سندس ڪوچ سلمان بٽ پنهنجي ٻارن کان وڌيڪ خيال رکيو، اسان محنت ڪئي ۽ ڪامن ويلٿ گيمز ۽ ورلڊ اسلامڪ گيمز ۾ 90 پلس جو رڪارڊ ٽوڙيو.