ڀارتي بزنس مين سان افيئر؟ ڪريتي سينن خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي بزنس مين ڪبير باهيا سان ڊيٽنگ جي خبرن تي اداڪارا ڪريتي سينن جو ردعمل سامهون آيو آهي .
بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه اداڪارا ڪريتي سينن ۽ بزنس مين ڪبير باهيا جي ويجهڙائن جون خبرون زور پڪڙي رهيون آهن.
ان ڏس ۾ ڀارتي اداڪارا جو چوڻ آهي گهڻي قدر ماڻهو خبرون پکيڙڻ کان اڳ تصديق ناهن ڪندا ۽ سوشل ميڊيا تي ناڪاري پوسٽون تيزيءَ سان وائرل ٿينديون آهن.
هن چيو ته جڏهن سندس باري ۾ ڪوڙيون خبرون شايع ٿينديون آهن ته نه رڳو کيس مايوسي ٿيندي آهي پر اهڙيون خبرون سندس خاندان کي به متاثر ڪنديون آهن.
ڪريتي سينن وڌيڪ چيو ته سندس شادي بابت افواهه درست نه آهن ۽ ماڻهن سان ان جي وضاحت ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.