بلاول بابت نازيبا بيان، سنڌ حڪومت شيخ رشيد خلاف سپريم ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف نازيبا بيان ڏيڻ جي معاملي تي سنڌ حڪومت شيخ رشيد خلاف ڪيس خارج ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت شيخ رشيد خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 25 جون جو فيصلو قانون خلاف آهي، جنهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
سنڌ حڪومت جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيمبر ۾ ٻڌني ڪري جج پنهنجو مائينڊ اپلاءِ نه ڪيو، شيخ رشيد ميڊيا سامهون بلاول خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪئي.
درخواست موجب بلاول ڀٽو خلاف نازيبا ٻولي جو استعمال ملڪ ۾ صورتحال جي خرابي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، هاءِ ڪورٽ جو ڪيس خارج ڪرڻ جو فيصلو قانون خلاف آهي ۽ وڌيڪ جاچ جي گهر ڪري ٿو.
واضح رهي ته بلاول ڀٽو بابت نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ تي شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.