سوشل ميڊيا ذريعي تشدد تي ڀڙڪائيندڙن کي معافي نه ملڻ گهرجي: محسن نقوي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي تشدد تي ڀرڪائيندڙن کي معافي نه ملڻ گهرجي.
لنڊن ۾ گهرو وزير محسن نقوي برطانوي هم منصب اويٽ ڪوپر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
محسن نقوي چيو ته برطانيا سان بارڊر مئنيجمينٽ ۽ ڪرمنل ڪيسن ۾ ليگل سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته غير قانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڀائيواري وڌائڻ ضروري آهي.
وفاقي گهرو وزير پاڪستاني پوليس آفيسرن جي برطانيا ۾ ٽريننگ جي معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته خوشي ٿيندي ته پاڪستاني پوليس آفيسر باقاعده برطانيا ۾ ٽريننگ حاصل ڪندا.
ان موقعي تي برطانوي گهرو وزير چيو ته برطانيا پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري رکنداسين.
محسن نقوي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.