ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جو اگهه 1200 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 57 هزار 700 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 29 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 20 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 19 ڊالر واڌ سان 2458 ڊالر في اونس آهي.
You might also like