ڪوهلي کان اڳ انوشڪا ڪنهن کي پسند ڪندي هئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي شادي 2017 ۾ ٿي ٻنهي کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي پر ڀارتي ميڊيا تي انوشڪا شرما جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن هوءَ رنوير سنگهه لاءِ پنهنجي پسنديگيءَ جو اظهار ڪري چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انوشڪا شرما 2010 ۾ رليز ٿيندڙ پنهنجي پهرين فلم ” بينڊ باجا بارات“ ۾ رنوير سنگهه سان گڏ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري هئا.
فلم جي هڪ سال کانپوءِ ڀارتي ميزبان سمي گريوال هڪ انٽرويو دوران انوشڪا شرما کان سوال ڪيو هو ته هوءَ رنوير سنگهه کي ڊيٽ ڇو ناهي ڪري رهي؟
جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته کيس رنوير سنگهه پسند آهي پر هو ٻئي مختلف قسم انسان آهن، جيڪي اسان ٻنهي کي سڃاڻن ٿا اُهي سمجهي سگهن ٿا ته اسان ٻئي مختلف قسم جا ماڻهو آهيون.
انوشڪا شرما اِهو به چيو هو ته سندن وچ ۾ مشڪل تعلق آهي، اسان هڪ ٻئي کي قتل ڪري سگهون ٿا، مان سنجيدا آهيان، مان رنوير جو سر قلم ڪري سگهان ٿي، جيڪڏهن اسان جي وچ ۾ ڪو رشتو قائم ٿيو ته اسان زندگيءَ کي ٻن مختلف رخن سان ڏسنداسين.
واضح رهي ته بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه به 2018ع ۾ اداڪارا دپيڪا پاڊڪوون سان شادي ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.