شيخ حسينا واجد ۽ سندس حڪومتي عهديدارن تي قتل جو ڪيس داخل

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد ۽ سندس دور جي اهم حڪومتي عهديدارن تي شهري جي قتل جي الزام تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب شيخ حسينا واجد ۽ ٻين 6 ڄڻن کي 19 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن دوران پوليس جي فائرنگ سان شهري مارجڻ جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب شيخ حسينا واجد ۽ ٻين خلاف ڪيس ڍاڪا جي رهواسي ۽ مقتول جي ويجهي شخص امير حمزا داخل ڪرايو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ حسينا واجد کانسواءِ عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري، اڳوڻي گهرو وزير، اڳوڻي پوليس سربراهه، جاچ اداري جي اڳوڻي سربراهه سميت اڻڄاتل پوليس اهلڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.