پاڪستان سول ايوي ايشن جي ورهاست، ٽي نوان کاتا قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ورهاست جي معاملي تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ورهاست ڪندي ٽي نوان کاتا قائم ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريگيوليٽري شعبا پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندا، ڪمرشل ايئرپورٽس کي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو حصو بڻائي الڳ کاتو بڻايو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ٽيون کاتو جهازن جي حادثن جي جاچ بابت بورڊ آف سيفٽي انويسٽيگيشن آهي، سيفٽي بورڊ جهازن جي حادثن جي جاچ ڪندو.
ان کانسواءِ سول ايوي ايشن، ايئرپورٽس اٿارٽي، بورڊ آف سيفٽي انويسٽيگيشن جي قيام جا الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
فلائٽ اسٽينڊرڊ، پائلٽ لائسنسنگ، ايروڊروم ايئرا اسپيس به سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندا، جڏهن ته ايئروردي نيس، ايئر ٽرانسپورٽ ۽ ايئرو ميڊيڪل به سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.