ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ صوبي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي سڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس ۾ جشن آزادي جي موقعي تي هوائي فائرنگ جي روڪٿام ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز، اسٽيبلشمينٽ/ هيڊ ڪوارٽرز، ايس اينڊ اي ايس ڊي، سي آءِ اي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ سکر پوليس آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ کنيل قدمن ۽ حڪمت عملين تي بريفنگ ڏني وئي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مزار قائد تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ، پريشر هارن ۽ لائوڊ وڄائندڙن، بنا سائلنسر جي موٽرسائيڪلن جي مالڪن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي.