ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي واسي مهانگائي سٽيل عوام جي بلن تي نئون ٽيڪس لڳايو ويو آهي.
جولاءِ جي بلن ۾ ميونپسل ٽيڪس جي رقم شامل ڪئي وئي آهي.
101 يونٽ کان 200 يونٽ وارن واهپيدان تي 20 رپيا، 201 کان 300 وارن تي 40 رپيا، 301 کان 400 وارن تي 100 رپيا، 401 کان 500 وارن تي 125 رپيا ٽيڪس لاڳو.
700 کان وڌيڪ وارن واهپيدارن تي 300 ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي 400 رپيا ڀرڻا پوندا.
ميئر ڪراچي جي دعويٰ آهي ته ٽيڪس اوڳاڙي سان ترقياتي ڪمن ۾ بهتري ايندي.