پ پ گورنر سنڌ جي فوري تبديلي جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ گورنر سنڌ جي فوري تبديلي جو امڪان رد ڪندي چيو آهي ته اهي خبرون رڳو ميڊيا تائين محدود آهن.

ڪراچي ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي گونر جي فوري تبديلي ناهي ٿي رهي، تبديلي جو رڳو ميڊيا تي ٻڌو.

هن چيو ته خالد مقبول جي صدر آصف علي زرداري سان ٿيل ملاقات يونيورسٽين بابت هئي جنهن تحت پنجاب جي هڪ يونيورسٽي جو ڪراچي ۾ ڪيمپس قائم ٿيندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بدين ايئرپورٽ کي به سرگرم ڪري رهيا آهيون.

بلاول ڀٽو جي ويزن موجب ايئر ايمبولينس جو نئون سلسلو شروع ٿي رهيو آهي. ان جو دائرو ٿر، حيدرآباد، ميرپورخاص، موهن جي دڙي تائين وڌائينداسين.

هن چيو ته سکر سنڌ جو مرڪز آهي، بلوچستان پنجاب جي ويجهو آهي، ٻئي صوبا سکر جي سهولتن مان فائدو کڻندا، وفاقي لوڪل ڪائونسلن جو به حصو هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.