ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل شير شاهه ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي دوائون ٺاهڻ ۾ ملوث فيڪٽري مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته لکين رپين جون دوائون، مشينري ۽ ٻيا اوزار هٿ ڪيا ويا.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي سان گڏ ڪارروائي ڪئي وئي، فيڪٽري مان وڏي انگ ۾ شڪي دوائون، انجيڪشنون، خام مال جي وڏي کيپ پڪڙي وئي، دوائن جون خالي بوتلون، خالي ڪيپسلو ۽ پيڪنگ جا دٻا هٿ ڪيا ويا. مختلف قسمن جا پائوڊر ۽ ليڪويڊ هٿ آيا.
جوابدار مختلف شهرن ۾ انهن جي سپلاءِ ڪندا هئا. جوابدار مجيب الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي.