ڪراچي ۾ ڪلفٽن پوليس هٿان ڦورو گينگ جو مک جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪلفٽن پوليس ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ڦورو گينگ جي مک جوابدار کي گرفتار ڪري قبضي مان ڦريل سامان هٿ ڪري ورتو.

پوليس جوابدار عبدللطيف کي گرفتار ڪيو جڏهن ته 2 ساٿي ذيشان حيدر ۽ راشد فرار ٿي ويا.

جوابدار ساٿين سان گڏ ڊفينس، ڪلفٽن، درخشان، ساحل ۽ گذري ۾ وارداتون ڪندو هو.

جوابدار وٽان بنگلن مان ڦريل سامان ۽ زيور هٿ ڪيا ويا.

پوليس موجب فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.