ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ انڊسٽري جي ٻن نامور سپر اسٽارز عامر خان ۽ سني ديول جي نئين تاريخي فلم ” لاهور 1947 “ جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، راج ڪمار سنتوشي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ بنا ڪنهن وقفي جي 70 ڏينهن تائين جاري رهي.
ذريعن موجب، فلم جي پوسٽ پروڊڪشن تمام جلد شروع ڪئي ويندي ۽ ان کانپوءِ جيڪڏهن اضافي شوٽنگ جي ضرورت پئي ته ڪئي ويندي.
لاهور 1947 لاءِ هجوم جا ڪيئي منظر شوٽ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ان دوران ورهاڱي وقت ٽرين جو منظر شوٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪهاڻي ۽ جذبن کي هڪ نئين انداز ۾ سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ڪرن ديول، پريتي زنٽا، شبانه اعظمي، اڀيمانيو سنگهه ۽ علي فضل به شامل آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like