ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ دستي بم ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ڪوئيٽا جي علائقي پشتون آباد چالو باوڙي چوڪ ڀرسان دستي بم ڌماڪو ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
اسپتال انتظاميا موجب 7 زخمين کي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.
You might also like