مينڊيٽ چور ڏينهن رات ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهيا آهن،عوام پريشان آهي:بئريسٽر سيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءُ واري وزير  بئريسٽر ڊاڪٽر سيف الله چيو آهي ته پنجاب حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ جي پراڻي ميو اسپتال لاهور اجڙي وئي آهي.

 پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي صلاحڪار اطلاعات بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو ته ميو اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي ۽ ڪيترائي وارڊ بند آهن، ميو اسپتال ۾ تشخيصي سهولتن ۽ طبي سامان جي کوٽ آهي، پيڊس ميڊيسن، سرجري، اي اين ٽي، ٽي بي وارڊ ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل آهن.

  بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته اسپتال جا ايئرڪنڊيشنر خراب آهن، مريض پنهنجي گهرن مان پکا کڻي اچن ٿا . هن چيو ته مينڊيٽ چور ڏينهن رات ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندا رهندا آهن، عوام جي خدمت سندن ڪم ناهي، جعلي فارم 47 حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي، مينڊيٽ چور ٽولي سر درد جي علاج لاءِ لنڊن ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.