آمريڪا ۾ قتل جي رٿا جي الزام ھيٺ آيل پاڪستاني شھري آصف مرچنٽ

آمريڪا آصف مرچنٽ نالي پاڪستاني شهري کي آمريڪا ۾ آمريڪي سياستدانن کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي  جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. آصف مرچنٽ تي ايران سان ويجهن لاڳاپن جو به الزام آهي ۽ هو هن وقت نيويارڪ ۾ آمريڪي اختيارين جي تحويل ۾ آهي جتي مٿس ڪيس هلي رهيو آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 46 سالن جي آصف رضا مرچنٽ آمريڪا ۾ ڪنهن سياستدان يا سرڪاري اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ھئي.مڙھيل الزامن ۾ ھڪ اھو بھ آھي تھ هن نيويارڪ ۾ هڪ ’هٽ مين‘ يعني ”ڀاڙي جو قاتل“ پڻ ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ھن ڪيس جو 13 جولاءِ تي ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل واري ڪوشش سان ڪو به تعلق نھ آهي، جنهن دوران 20 سالن جي ٿامس ميٿيو ڊونلڊ ٽرمپ تي گولي ھلائي ھئي.پر ھن سال جون ۾ آمريڪي اختيارين موجب مبينا ايراني رٿابندي بابت ڳجهي اطلاع ملڻ کانپوءِ ٽرمپ جي سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي.تھ پوءِ  آصف مرچنٽ ڪير آهي؟

دستاويزن موجب آمريڪي اختيارين آصف مرچنٽ بابت دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پورو نالو آصف رضا مرچنٽ آهي ۽ هو پاڪستاني شهري آهي.دستاويزن ۾ آصف مرچنٽ جي حوالي سان لکيل آهي ته هو 1978ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان ۾ رهاڪو آھي.عدالت ۾ جمع ٿيل دستاويزن موجب تھ آصف مرچنٽ اختيارين کي ٻڌايو آهي ته سندس زال ۽ ٻار پاڪستان ۾ آهن جڏهن ته سندس ھڪ ٻي زال ۽ ٻار ايران ۾ بھ رهن ٿا.آمريڪي دستاويزن موجب سفري دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪيترائي ڀيرا ايران، شام ۽ عراق جو سفر ڪيو.

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ آمريڪا ۾ آصف مرچنٽ جي گرفتاري ۽ مبينا قتل جي سازش تي چيو آهي ته اسان ميڊيا جون رپورٽون ڏٺيون آهن ۽ آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، انتظار ڪري رهيا آهيون. وڌيڪ تفصيل جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

مرچنٽ تي الزام آهي ته هن ٽارگيٽ جي گهر مان دستاويز چورائڻا  ھئا، مظاهرا ڪرڻا ھئا ۽ ڪنهن سياستدان يا سرڪاري اهلڪار کي قتل ڪرائڻو ھو. آصف مرچنٽ ان شخص کي  ڀاڙي جي قاتلن سان ملاقات ڪرائي. جنهن بعد جون ھن جو ، ايف بي آءِ جي ڳجهي ايجنٽن سان رابطو ڪرايو ويو. هن تي جون ۾ هڪ ڀاڙي جي قاتل سان ملاقات ڪئي، جيڪو اصل ۾ هڪ انڊر ڪور آفيسر هو ۽ هن  قتل جي لاءِ 5 ھزار ڊالرن جي رقم ادا ڪئي. دستاويزن موجب آصف مرچنٽ قتل جي رٿ مڪمل ڪرڻ کان اڳ 12 جولاءِ تي آمريڪا ڇڏڻ  چاهيو پئي.جنھن لاءِ فلائيٽ بڪنگ بھ ڪرائي هئي.

آصف مرچنٽ چيو ھو ته ھو ان بعد ڪوڊ ورڊ جي مدد سان رابطي ۾ رهندو، پر آمريڪي اختيارين کيس ان کان اڳ گرفتار ڪري ورتو. آمريڪي اٽارني جنرل ميرڪ بي گارلينڊ، جو چوڻ آھي ته ايران ڪافي سالن کان ،ايراني جنرل سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن کي انصاف  کاتي پاران  ناڪام بڻايو پيو وڃي.

ايف بي آءِ ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر راءِ، دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ جا ايران سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ اهو منصوبو ايران جي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي جو نتيجو آهي. ڪنهن به آمريڪي شهري يا سرڪاري اهلڪار کي مارڻ جي ڪوشش اسان جي قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي. ايف بي آءِ سڀني وسيلن سان وڙهندي.

نيويارڪ ۾ ايف بي آءِ جي آفيسر ڪرسٽي ڪرٽس ، موجب  آصف مرچنٽ،جن  ڀاڙي جي قاتلن کي ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اھي خوش قسمتي سان، ايف بي آءِ جا ڳجها ايجنٽ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.