پاڪستان جي قيام کان وٺي محبت، سهپ، ڀائيچاري ۽ مذهبي برابريءَ بابت ملڪ جي بانيڪار قائد اعظم محمد علي جناح جو موقف بلڪل چٽو ۽ واضح رهيو. ان سلسلي ۾ قائد جيڪو 11 آگسٽ 1947ع تي پيغام ڏنو، اهو نهايت اُتساهيندڙ هو. قائداعظم محمد علي جناح جن فرمايو: ”توهان سڀ آزاد آهيو، پنهنجي پنهنجي عقيدي مطابق گرجا گهرن، مسجدن توڙي مندرن ۾ عبادت لاءِ وڃي سگهو ٿا. مذهبي عبادتن ۽ ڏڻن ملهائڻ تي اقليتن جو به ايترو ئي حق آهي جيترو مسلمانن جو.“
سماج ۾ محبت ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جي ڪري ئي پاڪستان ترقي ڪري سگهي ٿو. محبت هڪ عظيم رشتو آهي، جيڪو مذهبي متڀيد کان تمام گهڻو مٿانهون ٿئي ٿو، اسان کي سنڌ جو مفڪر شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪجهه محبت جو درس هن ريت ڏئي ٿو:
”محبت پائي مَن ۾ رنڍا روڙيا جن،
تِن جو صرافن، اڻ توريو ئي اَگهايو.“ (شاهه(
محبت، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگيءَ جي جذبي بابت ڀڳت ڪبير جو درس به وسارڻ جوڳو ناهي، ڪبير چوي ٿو:
اکتھ کہانی پریم کی مکھ سے کہی نا جا
گونگے کا سپنا بھیا، سمر سمر پچھتا
)ترجمو: پيار جي ڪهاڻي ڪٿڻ مشڪل آهي، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هي گونگي جي ڳُڙ کائڻ مثل آهي، جيڪو کائي رڳو پيو مُرڪي(
ملڪ ۾ مذهبي متڀيد جي خاتمي ۽ اقليتن جي حقن خاطر پاڪستان پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي جنهن هميشه پارليامينٽ ۾ ڀرپور آواز اُٿاريو آهي ۽ اها اقليتن کي برابر حق ڏيڻ تي يقين رکي ٿي. اقليتن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا متعارف ڪرائڻ جو ڪارنامو به پيپلزپارٽيءَ ئي سرانجام ڏنو هو.
اقليتن جي ڏينهن تي اهو ياد ڏيارڻ به ضروري آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ انساني حقن جا پڻ ڪيترائي ادارا موجود آهن پر ملڪ جي بانيڪار قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل پيغام جي روح موجب قانون تي عمل نٿو ٿئي، ان ڪري ئي اقليتن ۾ عدم تحفظ جو احساس پڻ موجود رهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي سمورين اقليتن کي قانون موجب تحفظ مهيا ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اقليتي ماڻهو به پاڪستان جا برابر جا شهري آهن ۽ اهي ملڪ جي وڻج واپار، تعليم ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري رهيا آهن.
اهو به نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي اندر اهڙو ته مذهبي ڀائيچاري وارو ماحول ٺاهيو آهي جو اقليتون پنهنجا مذهبي ڏڻ پوءِ اها ڏياري هجي، ايسٽر يا هولي هجي اهي ڀرپور جوش جذبي سان ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ملهائين ٿيون.
اقليتن سان يڪجهتي ۽ محبت جو اهو اعليٰ مظهر آهي جو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي قيادت صدر آصف علي زرداري صاحب، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب، ادي فريال ٽالپر صاحبه اقليتن جي ڏڻن ۾ نه رڳو ڀرپور نموني شرڪت ڪندا آهن بلڪه پاڪستان پيپلزپارٽي اقليتن جا ڏڻ پاڻ به ملهائيندي آهي. هولي ٿر ۾ هجي يا لاڙڪاڻي ۾ بلاول ڀٽو زرداري صاحب پنهنجو فرض سمجهي انهن ڏڻن ۾ شامل ٿيندو آهي، جنهن مان اقليتن کي اُتساهه پڻ ملي ٿو.
اقليتن جي ڏڻن ۾ بلاول ڀٽو زرداري صاحب ۽ پيپلزپارٽيءَ جي قيادت جي ڀرپور شرڪت سان دنيا کي اهو واضح پيغام ملي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اقليتن جو آواز بڻجڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهي. نه رڳو اهو بلڪه سول سوسائٽي، اديب، دانشور، صحافي ۽ ساڃاهه وند طبقا پڻ اقليتن جي ڏڻن ۾ خوشيءَ سان شريڪ ٿيندا آهن، هوليءَ ۾ رنگ هڻندا آهن ۽ مٺايون کائي پيا سرها ٿيندا آهن. اهو جذبو دراصل اقليتن سان لازوال محبت جو واضح اظهار آهي.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي اقليتن کي برابريءَ جا حق ڏيارڻ جي هميشه اولين ترجيح رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ پنهنجي ورڪر نويد انٿونيءَ کي ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تي پهچايو، ايئن ئي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ به اقليتن جي نمائندگي موجود آهي. پيپلزپارٽيءَ جا نه رڳو اڳواڻ بلڪه ڪارڪن به اقليتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هميشه پهرين صف ۾ هوندا آهن.
مون سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پهرين تقرير ڪندي اها گذارش ڪئي هئي ته اقليتن کي جبري مذهب مٽائڻ جي حوالي سان مسئلا درپيش آهن، ان لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، ساڳي وقت اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ جو مطالبو پڻ ڪيو هو. اها گذارش وري ورجائجي ٿي، ان حوالي سان ضرور قدم کڻڻ گهرجن.
اسان جا سيڪيورٽي ادارا، پاڪ فوج هجي يا پوليس اهي هميشه اقليتن جي تحفظ لاءِ اڳيان اڳيان هوندا آهن. خاص طور مذهبي ڏڻن جي موقعي تي اسان جي عبادتگاهن ۽ ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ جو فرض به اهي انتهائي ايمانداري، سچائي ۽ بُردباريءَ سان نڀائيندا آهن، جنهن لاءِ اهي جس لهڻن.
صدر مملڪت آصف علي زرداري صاحب، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب، ادي فريال ٽالپر صاحبه جون شروع کان ئي اهي هدايتون ڏنل آهن ته ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري کي هٿي وٺرايو، ڇو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اقليتن سان بي پناهه محبت ڪندي هئي، ڪڏهن ڀيڻ بڻجي ته ڪڏهن ماءُ بڻجي، سندن جگر جو ٽڪرو بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي اَمڙ جي شاندار تربيت مطابق اقليتن سان محبت ڪري ٿو ۽ اقليتون به ساڻس تمام گهڻي محبت ڪن ٿيون. اچو ته گڏجي اهڙو پاڪستان جوڙيون جتي مذهبي ڀائيچارو ۽ محبت سڀني جي سڃاڻپ هجي.
)ليکڪ، ايم پي اي، پارلياماني سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس اينڊ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ حڪومت سنڌ آهي)