ارشد نديم لاءِ اعلانيل انعامي رقم مان ڪيتري ٽيڪس ۾ ويندي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

پيرس ( ويب ڊيسڪ ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو ( ايف بي آر ) چيو آهي ته پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم جي انعامي رقم تي ويهه سيڪڙو ٽيڪس لڳندو.
ايف بي آر اختيارين موجب، ارشد نديم واپڊا ۾ گريڊ 18 جو ملازم ۽ انڪم ٽيڪس فائلرز آهي، ايٿليٽ کي ملندڙ انعامي رقم تي انڪم ٽيڪس ايڪٽ سيڪشن 156 تحت 20 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو.
اختيارين موجب، ڪرڪيٽرن سميت سمورن رانديگرن جي انعامي رقم تي ويهه سيڪڙوڪٽوتي ٿيندي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ايف بي آر وٽ ارشد نديم جي انعامي رقم تي ٽيڪس معاف ڪرڻ جو اختيار ناهي، انعامي رقم تي معافي يا رعايت جو اختيار وفاقي ڪابينا کي آهي.
ايف بي آر اختيارين موجب، ارشد نديم لاءِ هينئر تائين اعلانيل رقم 30 ڪروڙ رپيا آهي ۽ جنهن تي 6 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ٺهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.