نيب ٻيلن جي 3 کرب رپين جي زمين خالي ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ٻيلن جي 18 لک ايڪڙ زمين خالي ڪرائي ورتي.

سال 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تي ٻيلي کاتي جي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي هئي، جنهن تي نيب بورڊ آف روينيو سان گڏجي 18 لک ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين خالي ڪرائي ورتي آهي.

نيب پاران سکر ۾ 3 لک 85 هزار ايڪڙ ٻيلي جي زمين خالي ڪرائي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 1 لک 11 هزار ايڪڙ، شهيد بينظير آباد ۾ 1 لک 28 هزار ايڪڙ، حيدرآباد ۾ 7 لک 29 هزار ايڪڙ، ٺٽي ۾ 2 لک 75 هزار ايڪڙ ۽ ٺٽي ۾ 2 لک 75 هزار ايڪڙ، ملير ۽ گڊاپ ۾ 2 لک 25 هزار ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي.

ان سلسلي ۾ نيب جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته ٻيلي جي زمين قانوني ڪارروائي کانپوءِ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي وئي آهي، زمين جي قيمت ساڍن 3 کربن کان وڌيڪ آهي. زمينن تي قبضن ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن پاران اختيارن جي ناجائز استعمال جو به انڪشاف ٿيو آهي.

هن چيو ته قومي احتساب بيورو ۾ مختلف سڌارا ڪيا ويا آهن، واپارين ۽ عام ماڻهن جي شڪايتن لاءِ آفيسون به قائم ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.