اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ برسات سبب پارليامينٽ هائوس جي ڇتن مان پاڻي ٽمڻ لڳو جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سي ڊي اي کي هنگامي بنيادن تي ڇتن جي ليڪيج روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڇتن جي ٽمڻ جي ڪري عمارت هيٺان مختلف هنڌن تي بالٽيون رکي حفاظتي اپاءَ وٺڻا پيا.
اسپيڪر جي نوٽيس ۽ حڪم کانپوءِ سي ڊي اي فوري طور تي ليڪيج روڪڻ وارو ڪيميڪل لڳايو. ذريعن موجب پارليامينٽ هائوس جي ڇت جا جوڙ واٽر پروف ڪيا ويا آهن.
You might also like