پيرس ( ويب ڊيسڪ ) پيرس اولمپڪس ۾ پناهگيرن جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ افغان ايٿليٽ بريڪ ڊانسر منيزا تالاش کي ” تڪراري لباس “ سبب نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
منيزا کي نوَ آگسٽ تي پنهنجي ڀارتي مخالف سرج جوئي خلاف اولمپڪ بريڪ جي پري ڪواليفائر مقابلي ۾ ڪلهي تي هڪ ڪپڙو ويڙهيل هو ” جنهن تي فري افغان وومين “ لکيل هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اولمپڪس ايسوسيئيشن هڪ بيان ۾ چيو ته 21 ورهين جي تالاش پنهنجي لباس تي سياسي نعرو لکي اولمپڪس چارٽر جي رول 50 جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جي بنياد تي کيس نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
اولمپڪس چارٽر رول 50 موجب، اولمپڪس مقابلي واري جاءِ يا ڪنهن ٻئي هنڌ ايٿيلٽ کي سياسي، مذهبي يا نسلي امتياز تي ٻڌل احتجاج، مظاهري يا نعربازي جي اجازت نه آهي.
واضح رهي ته پيرس اولمپڪس ۾ ڇهه ايٿليٽ افغانستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن جن ۾ ٽي عورتون به شامل آهن، جڏهن ته افغانستان جي طالبان حڪومت عورت ايٿيليٽ کي تسليم نٿي ڪري.
ڪابل ڄائي منيزا تالاش جي رهائش اڄڪلهه اسپين ۾ آهي، هوءَ 2021 ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان فرار ٿي وئي هئي.
پاسپورٽ نه هئڻ سبب منيزا هڪ سال تائين پاڪستان ۾ پناهه ورتي ۽ ان کانپوءِ هوءَ پنهنجي ٻن ڀائرن سان گڏ اسپين شفٽ ٿي.
You might also like