ڌيءَ جا پيءَ تي سنگين الزام

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ جي ڌيءُ ويوين ولسن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ارب پتي پيءُ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويوين ولسن پنهنجي پيءَ کي سلسليوار ٽوئيٽ ۾ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عادي زناڪار، بيوقوف ۽ غيرخانداني ماڻهو قرار ڏنو آهي. هن پنهنجا اهي تبصرا ايلون مسڪ جو هڪ اسڪرين شاٽ تي ڪيا جتي هن پنهنجي پيرنٽنگ جي تعريف پئي ڪئي.
هن پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته سچ اهو آهي ته جيڪو به ايلون مسڪ انٽرويوز، ڪتابن يا سوشل ميڊيا ۾ چئي ٿو يا لکي ٿو اهو سڀ ڪوڙ آهي.
هن چيو ته اهو نئون ڊرامو آهي ته هو مسيحي خانداني ماڻهو ٿيڻ جي تصور ٿو ٺاهي پر اهو ڪوڙ آهي جو هو خانداني مرد ناهي ۽ عادي زناڪار آهي جيڪو ٻارن بابت ڪوڙ ڳالهائيندو وتي ٿو.
هن وڌيڪ لکيو ته جيترو هوءَ پيءَ کي سڃاڻي ٿي ته هن ڪڏهن چرچ ۾ پير به ناهي پاتو، هو عربن کي دشمن ڪري ڪوٺيندو آهي ۽ ٻٽو معيار رکندڙ آهي.
واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو ويون ولسن جيڪا هڪ ٽرانس جينڊر آهي، پيءَ تي تنقيد ڪئي هجي، ايلون مسڪ جي ٽرانس مخالف بيان تي به هن عوامي سطح تي سخت تنقيد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.