ادارن کي سمجهڻو پوندو فيصلن تي عملدرآمد کانسواءِ ڪا چوائس ناهي: جسٽس منصور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه اعليٰ عدليا جي فيصلن تي عملدرآمد آئيني گهرج قرار ڏيندي چيو آهي ته اِها ڳالهه دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو ائين ٿي نٿو سگهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو ٿي سگهي، انتظامي ادارن کي سمجهڻو پوندو وٽن فيصلي تي عملدرآمد کانسواءِ ٻي ڪا چوائس نه آهي.
اسلام آباد ۾ اقليتن جي حقن بابت عدالتي فيصلي جا ڏهه سال پورا ٿيڻ تي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مون کي پاڪستان جو وقتي چيف جسٽس چيو ويو جيڪو درست ناهي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته مان سينيئر ترين جج آهيان وقتي چيف جسٽس نه، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهنجو دوست آهي ۽ هو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آهي، مان سينيئر ترين جج ئي ٺيڪ آهيان.
هن چيو ته اسان جو آئين ڏاڍو خوبصورت آهي، افسوس جي ڳالهه اِها آهي ته سپريم ڪورٽ جي 2014 واري فيصلي تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو، اقليتن جي بنيادي حقن بابت سپريم ڪورٽ 2014 ۾ فيصلو ڏنو، اِهو ممڪن ناهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿئي پر اِهو هڪ مثال بڻيل آهي.
سندس چوڻ هوته هتي سڀ ويٺا آهن ۽ هو سمجهن ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد ناهي ٿيندو ته ائين نه آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي بلڪل عملدرآمد ٿيندو ۽ اِهو ئي آئين جو ڍانچو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.