چنائي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ڪانچي پورم ضلعي ۾ هڪ مذهبي ڏڻ جي مناسبت سان لڳايل بئنر تي نان ڄائي آمريڪي ماڊل ۽ اڳوڻي پورن اسٽار ميا خليفا جي تصوير ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
اِهو بئنر “ آدي “ نالي تهوار جي مناسبت سان لڳايو ويو هو، ان ڏهاڙي تي تامل ناڊو جي سمورن مندرن ۾ هندو ديوي امان ( پاروتي ) جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.
تهوار جي موقعي تي ڳوٺن ۾ شاندار انتظام ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن ۽ اِهو سلسلو ڪيئي ڏينهن تائين جاري رهندو آهي.
تاريخي تهوار جي سلسلي ۾ مقامي مندن ۾ بئنر لڳايا ويا، انهن منجهان هڪ بئنر ان وقت وائرل ٿيو جڏهن ميا خليفه جي تصوير ديوتائن سان گڏ نظر آئي.
بئنر ۾ ميا خليفا جي تصوير کي ايڊٽ ڪيو ويو هو ته جيئن اِهو نظر اچي ته کيس ” پال ڪڊم “ ( کير جو ٿانءُ) کنيل آهي، جيڪو تهوار ۾ روايتي پوڄا پاٺ جو هڪ حصو آهي.
اِها تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي جنهن کانپوءِ پوليس طرفان واقعي واري هنڌ پهچي بئنر هٽايو ويو.
Next Post
You might also like