ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري آهي، ان دوران ٽن ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پي ڊي ايم اي ان حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف حادثن ۾ 7 ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي به ٿيا.
ٻوڏ جي وهڪرن سبب 15 گهر مڪمل تباهه جڏهن ته 34 گهرن کي نقصان پهتو، 62 ايڪڙ زرعي زمين ۽ 12 ڪلوميٽر روڊ متاثر ٿيا.
5 پلين کي نقصان پهتو، کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ 82 ڍور مري ويا. برساتن سبب 4 ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي.
Prev Post
You might also like