اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف فيڊرل پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزامن جو نوٽيس ورتو.
ڪابينا ڊويزن وزيراعظم جي هدايت تي معاملو پيپرا بورڊ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪابينا ڊويزن کي خط ۾ پيپرا اٿارٽي کان ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي.
خط ۾ چيو ويو ته وزيراعظم آفيس مان پيپرا آفيسرن خلاف ڳنڀير الزامن جون شڪايتون مليون، پيپرا جي آفيسرن تي اختيارن جي ناجائز استعمال، ڪرپشن جا الزام آهن.
پيپرا جي آر سي ڪاميٽي پروڪيورمينٽ ڪيسز جو فيصلو ٺيڪيدارن جي حق ۾ ڪري رهي آهي، قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي.
You might also like