ڪي پي ۾ کدڙن فقيرن کان ڀتو وٺڻ جو انڪشاف

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ کدڙا فقيرن کان ڀتو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پشاور ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٻاهران ڀتا خوري خلاف کدڙا فقيرن احتجاج ڪيو.

مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته روزاني ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي، ڀتو نه ڏيڻ تي سنگين ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ۽ تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويندو آهي.

احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته کدڙا فقيرن مٿان تشدد ۽ قتل جي واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.

 هنن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن هنن جو مسئلو فوري طور تي حل نه ٿيو ته هو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.