بنگلاديش: پرتشدد احتجاج دوران جيل ٽوڙڻ جي واقعن ۾ 12 قيدي مارجي ويا، سوين فرار

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ۾ شاگرد تحريڪ جي احتجاج ۽ شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ جيل ڀڃڻ جي واقعن ۾ 12 قيدي مارجي ويا، جڏهن ته سوين قيدي فرار ٿيڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڍاڪا جي اتر ۾ واقع جمال پور جيل ۾ خميس ڏينهن جيل مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران قيدين جيل ۾ موجود گارڊن تي لوهي شيخن ۽ نوڪيلي هٿيارن سان محافظن تي حملوڪري ڏنو، جوابي فائرنگ ۾ 6 قيدي مارجي ويا.

رپورٽ موجب جيل ٽوڙڻ ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش جو هڪ ٻيو واقعو اڱاري ڏينهن پيش آيو، ان دوران به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ 6 قيدي مارجي ويا، جن مان 3 قيدي دهشتگردي جي الزام هيٺ جيل ۾ هئا، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

بنگلاديشي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد جي حڪومت خلاف احتجاج دوران گذريل مهيني شيرپور ضلعي ۾ جيل ٽوڙڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا هئا.

ياد رهي ته بنگلاديش ۾ پرتشدد احتجاج ۽ شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ پوليس کين تحفظ فراهم ڪرڻ تائين پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.