هي درزياڻي 30 سالن کان ناهي سُتي، سبب ڄاڻي دنڳ رهجي ويندئو..!

ويتنام (ويب ڊيسڪ) ويتنام جي هڪ 49 سالن جي عورت دعويٰ ڪئي آهي ته هن 30 سالن کان ننڊ نه ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 49 ورهين جي عورت جو نالو اينگيئن نگوڪ مائي ڪيم آهي پر مائي ڪيم کي پنهنجي شهر ۾ ”اُها درزياڻي جيڪا 30 سالن کان ناهي ستي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن ڪڏهن به ننڊ ناهي ڪئي.

ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ مائي ڪم دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ ڏهاڪن کان نه سمهي سگهي آهي پر ان باوجود ننڊ جي گهٽتائي سندس صحت تي ڪو به اثر نه ڪيو آهي، هوءَ ننڍپڻ کان وٺي ننڊ کان سواءِ پنهنجا فرض سٺي نموني سرانجام ڏئي رهي آهي.

مائي ڪم ميڊيا کي ٻڌايو ته اڳ هوءَ پڙهائيءَ لاءِ دير سان جاڳندي هئي، پر بعد ۾ کيس سلائي جا آرڊر پورا ڪرڻ لاءِ رات دير تائين جاڳڻو پوندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.