پيرس (ويب ڊيسڪ) الجزائر جي باڪسر ايمان خليف پيرس اولمپڪس ۾ عورتن جي باڪسنگ جي فائنل ۾ چين جي باڪسر يويانگ کي هارائي گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ميڊل حاصل ڪري هن تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو آهي جيڪي اولمپڪس جي شروعات ۾ سندس اهليت بابت مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا هئا.
25 سالن جي ايمان خليف تي پيرس اولمپڪس ۾ ”اهليت“ بابت سوال اٿيا جڏهن سندس مقابلو اٽلي جي اينجلا ڪيرني سان ٿيو. 46 سيڪنڊن جي راند ۾ اٽلي جي باڪسر وڌيڪ وڙهڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد ايمان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي ته هوءَ ٽرانسجينڊر آهي يا مرد ٿي ڪري عورتن جي ويس ۾ باڪسنگ ٿي ڪري.
هڪ سال اڳ عالمي ايٿليٽڪس چيمپين شپ ۾ مبينا طور ”صنفي اهليت جو ٽيسٽ“ پاس نه ڪرڻ سبب کيس نااهل قرار ڏنو ويو هو.
رپورٽ موجب اها ڳالهه سامهون آئي ته ايمان خليف پيدائشي طور هڪ عورت ئي آهي ۽ سندس سکيا عورت جيان ٿي هئي پر هن ۾ مرداڻا هارمونز وڌيڪ هجڻ جو مسئلو هو.
ان ڏس ۾ عالمي اولمپڪ ڪميٽي ٻڌايو ته باڪسر مقابلن ۾ شرڪت جي اهليت رکي ٿي ۽ ڪميٽي جي صدر ٿامس باخ ذاتي دور ايمان خليف جو دفاع ڪيو ۽ هن خلاف ٿيندڙ تنقيد کي ”چڙ ڏياريندڙ “ قرار ڏنو.
ايمان جو گولڊ ميڊل الجزائر ۾ عورتن جي باڪسنگ جو پهريون انعام هو جڏهن ته ٻيو ڀيرو الجزائر مان ڪنهن باڪسنگ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ان کان اڳ مردن ۾ حسين سلطاني پهريون هيو جنهن 1996 ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.
Prev Post
Next Post
You might also like