اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت ڪِيرائڻ لاءِ ناهي ٺاهي پر تحريڪ جو مقصد قوم کي متحد ڪرڻ آهي، پاڪستان کي اجتمائي ڪوششن سان بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو.
هڪ بيان ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي تو پوءِ معاشي طور ڇو ٻڏي رهيو آهي؟
هن چيو ته ڪروڙين غريب جي لڪير کان هيٺائين زندگي گذاري رهيا آهن، غريب جو سبب بي رحم نظام آهي.
هن حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پاڪستان جهنڊا ڦرڪائڻ ۽ نعرا لڳائڻ سان آزاد نه ٿيندو، آزادي حڪمراني جي حق لاءِ ورتي وئي هئي.
You might also like