فوج، ايف سي ۽ ايجنسيون رياست جون ملازم آهن، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن: عمر ايوب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته 9 مئي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيج لاءِ عمران خان قانوني رستو اختيار ڪندو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته فوج، ايف سي ۽ انٽيليجنس ايجنسيز رياست جون ملازم آهن، ادارن کي پنهنجي، پنهنجي دائري ۾ رهڻ گهرجي جڏهن ته سياستدان جو ڪم آهي ته آئين مطابق سياست ڪري.
عمر ايوب چيو ته سندن ڪنهن سان ڪا به ڊيل ناهي هلي رهي، عمران خان جو پيغام آهي عوام ۽ فوج وچ ۾ نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هي اليڪشن جو سال آهي انڪري اليڪشن ڪميشن کي آزاد ٿيڻ گهرجي.
اپوزيشن ليڊر چيو ته جنهن شخص جي پگهار ويهه يا پنجويهه هزار رپيا آهي اِهو ڪيئن گذارو ڪندو ؟ ملڪ کي بحران مان هڪ مضبوط وزيراعظم کي ڪڍي سگهي ٿو، فارم 47 جي حڪومت ڪجهه نٿي ڪري سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيج کڻي اچو، عمران خان سي سي ٽي وي فوٽيج لاءِ قانوني رستو اختيار ڪرڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.