ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ايئر لائين انتظاميا يورپي يونين طرفان پي آءِ اي تي مڙهيل پابندي نومبر ۾ ختم جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
پي آءِ اي جي چيف ڪمرشل آفيسر نوشيروان عادل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قومي ايئرلائين جي نجڪاري وارو عمل شفاف طريقي سان تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته قومي ايئرلائين جي خريداري لاءِ ڇهن ادارن دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، اِهو مرحلو انتهائي شفاف طريقي سان پڄاڻي تي پهچندو، ڪنهن به ملازم کي اداري مان نه ڪڍيو ويندو.
چيف ڪمرشل آفيسر چيو ته پاڪستاني ايئرلائين بابت يورپي ايئر سيفٽي ڪميٽي اجلاس نومبر ۾ ٿيندو، اميد آهي ته يورپي يونين جي قومي ايئر لائين تي مڙهيل پابندي نومبر ۾ ختم ٿي ويندي.
انتظاميا جو چوڻ اهي ته يورپ ۽ برطانيا جو روٽ ايئر لائين لاءِ انتهائي اهم آهي.
You might also like