راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان راولپنڊي ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته معاهدي تحت 44 ڏينهن باقي آهن، 45 ڏينهن پوري ٿيندي ئي واپس اچي وينداسين. ڏينهن جي ڳڻپ شروع چڪي آهي.
راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بجلي جا بل نه پر عوام تي بجلي جو بم ڪيرايو وڃي ٿو. پگهاردار طبقي جو ته رت چوسيو پيو وڃي، حڪومت سان ٿيل معاهدي ۾ بجلي، پگهار، آءِ پي پيز سميت ٻيا به معاملا شامل آهن، پهرين ته حڪومت چيوپئي ته آءِ پي پيز کي تنگ نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان 14 ڏينهن هتي بيٺا رهياسين ته حڪومت معاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني حڪمران ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف جي غلامي واري نظام کي چئلينج ڪنداسين، پاڪستان ان نظام سان اڳتي نٿو وڌي سگهي.
هن چيو ته هاڻ 44 ڏينهن باقي آهن، شهباز شريف، ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، 45 ڏينهن مڪمل ٿيڻ بعد واپس اينداسين.