مشهور ٽڪ ٽاڪر طوطي شينءَ جي سڃاڻپ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

آمريڪي رياست فلوريڊا جي مشهور ٽڪ ٽاڪر طوطي 3 منٽن ۾ 12 شين جي ڪاميابي سان سڃاڻپ ڪري گينيس ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.

اعليٰ نسل جي هن طوطي جو نالو اپولو آهي، جيڪو ڊالٽن ۽ وڪٽوريا (ٽوري) ميسن سان تعلق رکندڙ آهي، هن طوطي مختلف شين، ڪتاب، جورابن سميت ٻين 12 شين جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي آهي.

طوطي جي مالڪ ميسنز چيو ته مون اپولو جي تربيت هڪ طوطي جي ماهر سان متاثر ٿي ڪري ڪئي آهي.

هن گنيز ورلڊ رڪارڊ کي پنهنجو بيان ڏيندي چيو ته هڪ ڀيري اپولو ليبلز، رنگن ۽ مواد سان شيون پهچائڻ شروع ڪيون ته اسان کي خبر پئجي وئي ته اهو ڪيتريون ئي ناقابل يقين شيون ڪري سگهندو.

هن چيو ته اپولو پڻ هڪ سوشل ميڊيا اسٽار آهي ۽ ٽڪ ٽاڪ تي اپولو جا 2.8 ملين فالورز ۽ يوٽيوب تي 1.37 ملين فالورز آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.